روشني ئي روشني

روشني ئي روشني

روشني ئي روشني

روشني ئي روشني (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ڪهنه مشق ۽ برجستي شاعر، سنڌي ۽ براهوي ٻولين جي دانشور جوهر بروهيءَ جي مذهبي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ حمد، نعتون ۽ صحابه جي شان ۾ چيل شاعري شامل آهي. هي ڪتاب براهوئي پبليڪيشن، فريدآباد ــ ميهڙ، ضلعي دادوءَ پاران سال 2011ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ هر صنف کي سهڻن شاعراڻن نالن سان سينگاري ڌارڌار بابن جي صورت ۾ ڇاپيو ويو آهي. حمديه شاعريءَ واري ڀاڱي کي ’ساراهه سچو ڌڻي‘ جو عنوان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ 29 حمديه نظم شامل آهن. نعتيه شاعريءَ جي باب کي ’مڃ! مُحمدصه ڪارڻي‘ سرو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ 30 نعتون شامل آهن، جڏهن ته صحابه سڳورن جي شان ۾ لکيل شاعريءَ واري ڀاڱي کي ’هئا هيڪاندا حبيب سين‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ جوهر بروهيءَ جون 17 تخليقون شامل آهن. ڪتاب جو آخري باب ’ٻيو فهم‘ جي عنوان سان ڏنل آهي، جنهن ۾ 14 اهڙا نظم شامل آهن، جن ۾ قرآن پاڪ جي عظمت، رمضان جي مهيني جي حرمت، اسلام جي بلنديءَ جي ذڪر وارا توڙي مومن کي سڌي رستي تي هلڻ جي تلقين وارا ناصحاڻا نظم شامل آهن.
جوهر بروهيءَ، هيءُ ڪتاب پنهنجي دوست عبدالخالق عيسى زئي براهوي مرحوم ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شاعر پاران ٻه اکر ۽ محسن رضا چانڊيي ۽ علي دوست عاجز جا رايا ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي بائينڊنگ سان چار رنگي ٽائيٽل سان سينگاريل هن ڪتاب جو هديو 80 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو